ڪوٽڏيجي(رپورٽ: امير گوپانگ)  ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ يونس اڄڻ لڳ گھنور واھ تي اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران فائرنگ م گوليون لڳڻ ڪري ريٽائرڊ استاد طالب حسين اڄڻ ۽ ٻي ڌر جو امتياز اجڻ مارجي ويا جڏهن ته ٻنھي ڌرين جا 4   کان وڌيڪ ماڻھون زخمي ٿي پيا زخمين ۾ شاھد حسين ۽ غلام حسين اڄڻ سميت ٻيا شامل آھن. فائرنگ سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو اطلاع تي ڪوٽڏيجي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي هڪ ڌر جي مقتول ۽ زخمين کي ڪوٽڏيجي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو،  جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. ٻي ڌر جي مقتول ۽ زخمين کي وارث  سول اسپتال خيرپور کڻائي ويا هئا، جتان وري ڪوٽڏيجي تعلقه اسپتال آندا ويا.  ٻئي طرف مقتولن جا مڙھ پهچڻ تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.   ھوڏانھن جھيڙي سبب علائقي م خوف واري صورتحال ڇانيل ھئي ٻڌايو پيو وڃي ته  ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪافي عرصي کان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جيڪو مقامي ماڻهن جي فيصلن ۽ ڪوششن باوجود حل نه ٿيڻ ڪري ڪالھ اڄڻ برادري جي ڌرين ۾ خوني جهيڙي جو واقعو پيش آيو آهي هوڏانھن ڪوٽڏيجي پوليس ٻنهي ڌرين جا ٻه ٻه ماڻهو گرفتار ڪري ورتا آھن. پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ نفري مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن حالتون ڪنٽرول ۾ رهن ۽ وڌيڪ صورتحال خراب نه ٿيڻ کان علائقي واسي محفوظ رهي سگهن.