ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ويجهو ڳوٺ چتن مل ۾ هڪ بااثر قبرستان ۾ لاش دفنائڻ لاءِ آيل ميگهواڙ برادري جي ماڻهن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، ان ڏس ۾  ڳوٺ جي رھواسين ڀگوان داس، درھم داس، ساڌو رام، بيرم داس ۽ ٻين لاش رکي با اثر عباس علي بڙدي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن ٻڌايو ته اسان 50 سالن کان ھتي جا رھواسي آھيون، ساڳئي قبرستان ۾ لاش دفن ڪندا ٿا اچون، هي قبرستان اسان جي وڏن کي رياست جي دور ۾ 24 ايڪڙ ڳوٺ ۽ قبرستان جي لاءِ مير ھز ھائينس کان مليل آهي، ھن وقت بااثر عباس علي بڙدي اسان کي لاش دفن نه پيو ڪرڻ ڏئي، اسان وڃون ٿا ته اسان مٿان ھٿيارن سان حملو ڪرائي ٿو، با اثر عباس علي بڙدي ۽ ٻين فائرنگ ڪري اسان کي ڌمڪايو ته اگر ھڪ دفن ڪندئو ته توهان جا ڏهه ٻيا مارينداسين، ميگھواڙ برادري جي متاثرين  ايس ايس پي خيرپور کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي تحفظ ڏيئي بااثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان جي قبرستان تان قبضو ختم ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور مامري جو نوٽيس ورتو،  جنهن کانپوءِ پوليس اهلڪارن جي نگراني ۾ لاش کي ساڳي قبرستان ۾ دفنايو ويو، جڏهن ته بااثر ۽ ان جا ساٿاري فرار ٿي ويا.