ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڙي ۾ سنڌ ثقافت تنظيم جي چيئرمين ممتاز علي رڏ ۽  استاد بخاري  ادبي ڪائونسل ڳوٺ مٺڙي جي سهڪار سان ڳوٺ مٺڙي ۾ استاد بخاري جو ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويو، ان موقعي تي سگهڙن بيت ڏور ۽ ڳجهارتون ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو جڏهن ته استاد غلام شبير شاھاڻي ۽ فقير رحمت علي حيدري استاد بخاري جا ڪلام ڳائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو ، موسيقي جي تقريب وري محفل ۾ خصوصي شرڪت سيد شهزاد شاھ جيلاني، محمد يوسف ڪڙيو سميت وڏي انگ ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي، جتي شاعرن اديبن علمي ادبي حوالي سان ڄاڻ رکندڙن  استاد بخاري جي زندگي تي روشني وجهندي ٻڌايو ته استاد بخاري هڪ وڏو مهان شاعر هيو جنهن کي سنڌ جي ماروئڙن سان عشق هيو جنهن ڪري کيس سنڌ ڌرتي جو عاشق به چيو ويندو آهي، هنن چيو ته استاد بخاري وڏو داناء ۽ علمي ادبي حوالي سان سٺي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هيو ، جنهن جي شاعري ۽ علمي حيثيت سان هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ سنڌي ماڻهن پاران سندس ڪتابن کي ڀرپور موٽ ۽ پذيرائي ملي آهي.