ڪوٽڏيجي (ن پ ا) اي سي ڪوٽڏيجي سرڪاري اسپتال تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران اسپتال جو اڪثر عملو غير حاضر هو، جڏهن ته مريض سخت پريشان هئا، اسپتال جي ايڊيشنل ايم ايس ڊاڪٽر نصرالله رند اسپتال عملي تي ميڊيسن چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو، ھن چيو ته اسپتال جو اڪثر عملو ڊيوٽي تي موجود ناهي رھندو ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو آهي، ڊاڪٽر نصرالله موجب ايم ايس ڪرامت ٿيٻو، اسپتال جي وارڊ سرونٽ کي ميڊيسن انچارج مقرر ڪيو آهي، جيڪو عملي سان ملي ڀڳت ڪري دوائون غائب ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري مريضن کي دوائون نه ٿيون ملن ۽ انهن کي ٻاهرين دڪانن تان دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، اي سي اسپتال جي اهڙي صورتحال جو نوٽيس وٺندي اينٽي ڪرپشن کاتي کي باقائدهه انڪوائري لاءِ خط لکي ڇڏيو.