“پاڻي جياپو آھي”، اهو صرف ھڪ جملو ناھي پر ان ھڪ جملي تي منحصر آھي سموري انسان ذات جو جياپو، پکي پکڻ جو جياپو، حيوانن جو جياپو، وڻن ٽڻن جو جياپو، جيت جڙن جو جياپو ۽ ھن ڌرتيءَ تي موجود ھر ھڪ ساھواري شئي جو جياپو. پوءِ ڀلي اھو نظر نه ايندڙ ڪو مائيڪرواسڪوپڪ بيڪٽيريا، وائرس ۽ فنجائي جھڙو وجود ھجي يا ڪنھن ارڙ بلا جو وجود. يعني ھر چرندڙ پرندڙ جسم جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي انجي اوسر ۽ بقا تائين جو دارومدار پاڻي تي آھي، ۽ پاڻي کانسواءِ ھن ڌرتي تي ڪنھن به زندگي جو وجود ناممڪن آھي. تنھنڪري پاڻي نه صرف زندگي جو اھڃاڻ آھي پر ان سان گڏوگڏ درياھن دنيا جي تمام قديم ۽ عظيم تهذيبن کي پڻ جنم ڏنو آھي، تنھنڪري اھي سموري انساني تاريخ ۾ ھڪ عظيم مقام رکن ٿا. دنيا ۾ جيڪي به وڏيون ۽ قديم تهذيبون آھن: ميسوپوٽاميا، مصر، موھن جي دڙي ۽ چين جون تهذيبون، اھي سموريون درياھن جي ڪنڌين تي اسريون، نسريون ۽ پروان چڙهيون، تنھنڪري انھن ندين کي جيئدان ڏيندڙ ديوي ۽ ماتا جا لقب ڏيئي کين پوڄيو ويندو رھيو، جيئن گنگا ۽ جمنا ديوي، سنڌو ماتا وغيره. تنھنڪري پاڻي جي لافاني اھميت جي مڃتا لاءِ ھر سال دنيا ۾ 22 مارچ تي پاڻي جو عالمي ڏينھن ملھائي کيس ڀيٽا پيش ڪري ۽ سندس اھميت کي نروار ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڻي کي درپيش چيلينجن متعلق پاليسيون جوڙي گدلاڻ کان پاڪ، صاف ۽ صحت بخش پاڻي لاءِ دنيا جا ڪيترائي ملڪ اڄڪلھ ڪوشان آھن.
ھڪ طرف دنيا جا سڌريل ملڪ دريائن جي فطري وھڪري، سونھن ۽ ماحول کي مدنظر رکندي پنھنجي دريائن کي بچائڻ لاءِ سرگرم آھن ۽ پنھنجي دريائن تي اڳ تعمير ڪيل جيڪي به ڊيم ۽ ڪينال ھئا اھي ختم ڪري رھيا آھن، جيئن سندن فطري وھڪري کي ٻيھر بحال ڪري سگھجي. ٻئي طرف وري اسان جھڙا پٺتي پيل ملڪ آھن، جن جون واڳون اھڙن لالچي، مفاد پرست حڪمرانن جي ھٿ وس رھنديون آيون آھن، جن ملڪ ۽ عوام سان گڏوگڏ فطري ماحول کي به تباھ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر باقي ناھي ڇڏي. سنڌو درياءَ جنھن جو مٿي ذڪر ڪري آياسين ته دنيا جي وڏن دريائن ۾ شمار ٿيندڙ آھي ۽ سندس ڪُک مان دنيا جي قديم ۽ عظيم تھذيب جنم ورتو، جنھن کي دنيا انڊس سوِلائيزيشن جي نالي سان سڃاڻي ٿي. ھي اھو عظيم درياءَ آھي، جنھن جي ڪنڌي تي ويد لکيا ويا، جن ۾ سنڌو جي سونھن، سڀيتا ۽ گجگوڙ، لھرن جو ذڪر ڏاڍي مان شان سان ٿيل آھي. ھي اھو عظيم درياءَ آھي، جنھن کي شينھن درياءَ طور سڃاتو وڃي ٿو، سنڌو اھو بي پرواھ بادشاھ آھي، جنھن جون گجگوڙ ڪندڙ ڇوليون ڪنھن دور ۾ ٻيلا ٻوڙينديون ھيون. جنھن لاءِ ڪاليداس چيو ھو چانڊوڪي رات ۾ سنڌوءَ جون چمڪندڙ لهرون ايئن نظر اينديون آھن جيئن ڪنھن ڪنوار جا زيور! پر ھاڻي ان مستيون ڪندڙ ست ڪروڙ سنڌي عوام کي زندگيءَ جو ٻل ڏيندڙ مھراڻ جي مستين تي 1843 کان وٺي مسلسل ھيستائين يعني گذريل ڏيڍ صدي کان به مٿي عرصي کان وٺي مختلف ڊيمن، ڪينالن ۽ بيراجن جي نالي ۾ بند ٻڌي سنڌو جي ساھ کي سوڙھو ڪيو پئي ويندو رھيو آھي، جو ھاڻ کيس مرندڙ دريائن ۾ شمار ڪيو پيو وڃي! جنھن کي تاريخ جي ھر دور ۾ اھڙا مڇ اچي مِڙي پنھنجي خونخوار چنبن سان چيريندا رھيا آھن جن سنڌو جي پيٽ کي اڄ سُڪائي ٺوٺ اچي ڪيو آھي.
ھڪ طرف سنڌو دريا کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب ۽ مسلسل مٿس بند ٻڌڻ سبب اڄ اھا اچي حالت ٿي آھي جو ڊيلٽا سڄو تباھ ٿي چڪو آھي، سمنڊ جو کارو پاڻي سنڌ جي ساحلي پٽي سجاول، ٺٽي ۽ بدين جون لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائيندو پيو وڃي ۽ ماھرن جو چوڻ آھي ته ايندڙ ڪجھ سالن ۾ 2050 تائين اھي سمورا ساحلي پٽي وارا علائقا سمنڊ ھيٺ ھوندا! جر جو پاڻي کارو ٿي چڪو آھي، جنھن سبب ڪيتريون ئي وبائون ڦھلجي رھيون آھن. ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رھيا آھن، جانور اُڃ سبب مري رھيا آھن، سنڌ جي ناياب ٻلھڻ ۽ ٻي آبي جيوت ميسارجي رھي آھي. جيئن ته پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ آھي، جنھن جي معيشت ۾ زراعت ڪرنگهي جي ھڏي مثل آھي ۽ جنھن ۾ سنڌ جو سڀني صوبن کان وڌيڪ حصو ھوندو آھي، پر پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جون زرخيز ۽ سون جھڙيون زمينون سڪي بنجر بڻجي ويون آھن، جنھن سبب سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي. سنڌي ماڻھن جو گھڻو تڻو گذر سفر جو وسيلو کيتي ٻاڙي ۽ مال مويشي آھي پر پاڻي جي گھٽتائي سبب ھيٺيون طبقو يعني ھاري ۽ آبادگار پٺي ڀر وڃي ڪريا آھن. مٿان وري ھن سال مينھن به ناھن پيا، جنھن سبب پاڻي جو بحران ھڪ ڳنڀير صورتحال اختيار ڪري چڪو آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ھيٺ پاڻي نه اچڻ سبب پاڻي جي شديد گھٽتائي پيش اچي رھي آھي. سنڌو جي آخري پل دولھ درياخان وٽ صورتحال ٿي ڏسجي ته دل دھلجيو وڃي، جتي اڄ رڳي واري اڏامي رھي آھي!
تازو واپڊا ۽ ارسا اعلان ڪري چڪا آھن ته تربيلا ۽ منگلا ڊيم خالي ٿي چڪا آھن، ان صورتحال ۾ اسانجا انڌ جي گھوڙي تي سوار حڪمران ڇھن ڪينالن جھڙن منصوبن جي اڏاوت لاءِ ننھن چوٽي جو زور لڳائي رھيا آھن. ڇھن ڪينالن وارو منصوبو نه رڳو غير آئيني ۽ غيرقانوني آھي پر غير عقلي پڻ آھي. جنھن سان نه رڳو ست ڪروڙ سنڌي عوام متاثر ٿيندو پر سموري آبي جيوت ۽ فطري ماحول کي شديد نقصان رسندو. تنھنڪري ھن وقت سموري سنڌي عوام ان زندگي جي قاتل منصوبي کي رد ڪرڻ لاءِ روڊن ۽ رستن تي سراپا احتجاج آھي. ڪو به اھڙو ڏينھن ناھي جنھن ڏينھن عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو سنڌ جي ڪنھن ڳوٺ، شھر، روڊ، رستي ۽ واھڻ وستي ۾ احتجاج نه ٿيو ھجي. سنڌ جو ھر ٻار ٻچو، ننڍو وڏو، نوجوان، شاگرد، استاد، عورتون، مرد، وڪيل ۽ ھر ساڃاھ وند فرد پنھنجي بقا جي جنگ ۾ سراپا احتجاج آھي. ڇو ته پاڻي جو موت نه صرف انسانن، جانورن ۽ ٻي جيوت جو موت آھي پر پاڻي جو موت سموري فطرت جو موت آھي. تنھنڪري 22 مارچ پاڻي جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي اسين اھو عھد ڪريون ٿا ته پنھنجي سنڌو درياءَ تي ڪو به ڊيم يا ڪينال ڪنھن به صورت ۾ ھرگز ٺھڻ نه ڏينداسين.