ڪويت سٽي (م ڊ) ڪويت ۾ عدليا جي اندر صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪويت 90 عورت ججن جي مقرري ڪندڙ عرب دنيا ۽ وچ اوڀر ۾ پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انهن ججز اٽارني جنرل جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندي پبلڪ پراسيڪيوشن ۾ ٽريني اٽارني طور پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي. اهو فيصلو قابل اميدوارن جي چونڊ کي تيز ڪرڻ ۽ عدليا جي عملي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ٽريني اٽارني جي ڪردار ۾ عورت اميدوارن جي شموليت کان پوءِ کان ان مان 15 ڄڻن کي جج جي عهدي تي فائز ڪيو ويو آهي.