ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ليجنڊري سچن ٽنڊولڪر جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 49 سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ويرات ڪوهلي ممبئيءَ جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڪيويز خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪري ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙيو. ڪوهلي جي ون ڊي سينچرين جو انگ 50 ٿي ويو آهي، هن اِهو ڪارنامو 291 هين ون ڊي انٽرنيشنل ۾ انجام ڏنو. ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪيريئر ۾ پنجاهه سينچريون ۽ 71 ففٽيون اسڪور ڪري چڪو آهي. ان کان اڳ سچن ٽنڊولڪر 463 ون ڊي ميچن ۾ 49 سينچريون اسڪور ڪيون هيون. ٽنڊولڪر ون ڊي ۾ سڀ کان وڌيڪ 18 هزار چار چويهه رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 49 سينچريون ۽ 96 اڌ سينچريون شامل هيون. ٻئي طرف ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سچن ٽنڊولڪر ويرات ڪوهليءِ کي 50 سينچريون اسڪور ڪرڻ ۽ سندس رڪارڊ ٽوڙڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ سچن ٽنڊولڪر لکيو ته خوش آهيان جو هڪ ڀارتيءَ منهنجو رڪارڊ ٽوڙيو آهي، اِهو سڀ کان وڏي اسٽيج تي، ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ۽ منهنجي هوم گرائوند تي.