نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) لٽل ماسٽر جي نالي سان مشهور ڀارت ۽ ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم ترين بيٽر سچن رميش ٽنڊولڪر جو گهٽ اننگز ۾ 27 هزار رنسن وارو رڪارڊ خطري ۾ پئجي ويو آهي. ٽنڊولڪر جو اِهو رڪارڊ ڪو ٻيو نه پر ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي ئي ٽوڙڻ وارو آهي جنهن کي عالمي ڪرڪيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اننگز ۾ 27 هزار رنسون ٺاهڻ لاءِ 58 رنسون گهربل آهن. سچن ٽنڊولڪر 623 انٽرنيشنل اننگز ۾ تيز ترين 27 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون جڏهن ته ڪوهلي 591 اننگز ۾ 26 هزار 942 رنسون ٺاهي چڪو آهي، ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ ڪوهلي ته ڪوهلي وٽ 31 اننگز ۾ رڳو 58 رنسون ٺاهڻيون آهن پر ويرات ڪوهلي کي 600 ميچن ۾ اهڙو ڪارنامو انجام ڏيڻ لاءِ 9 اننگز ۾ 58 رنسون ٺاهڻيون آهن. 27 هزار رنسون ٺاهيندڙن ۾ آسٽريليا جو رڪي پونٽنگ ۽ سريلنڪا سنگاڪارا به شامل آهن.