دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز رائل چئلينجرز بئنگلورو جي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهليءَ طرفان بيٽنگ دوران رنس مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مخالف ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر سنجو سيمسن کان دل جي ڌڙڪن چيڪ ڪرائڻ واري عمل سندس مداحن کي ڳڻتي ۾ وڪوڙي ڇڏيو. ويرات ڪوهلي آءِ پي ايل ۾ راجسٿان رائلز خلاف ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ففٽين جي سينچري ونندو هسارنگا کي چوڪو هڻي مڪمل ڪئي، ميچ ۾ هن 45 بالن تي 62 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جنهن ۾ چار چوڪا ۽ ٻه ڇڪا پڻ شامل هئا. اسٽار بيٽر آءِ پي ايل جي جاري سيزن دوران پنهنجي ٻي ففٽي مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ به ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو. پر ميچ دوران هڪ موقعي تي ويرات ڪوهلي ٻن رنسن ٺاهڻ لاءِ ڊوڙ لڳائي ۽ رنس مڪمل ڪرڻ کانپوءِ راجسٿان رائلز جي وڪيٽ ڪيپر سنجو سيمسن وٽ ويو ۽ کائنس پنهنجي جي ڌڙڪن چيڪ ڪرڻ جو چيو. سنجو سيمسن وڪيٽ ڪيپنگ گلوز لاهي ڪوهلي جي دل جي ڌڙڪن چيڪ ڪئي ۽ مُرڪندي کيس چيو ته پريشاني جي ڳالهه ناهي سڀ ڪجهه نارمل آ، پر ڪوهلي دل تي اهڙي نموني هٿ رکيو ڄڻ کيس ڪائي تڪليف محسوس ٿي هجي. ان کانپوءِ ڪوهليءَ جو ميدان تي ئي طبي معائنو پڻ ڪيو ويو، ڪوهلي طرفان دل جي ڌڙڪڻ چيڪ ڪرڻ جو چوڻ ۽ گرائونڊ ۾ طبي امداد ملڻ سبب سندس مداحن ۾ ڳڻتي پکڙجي ويئي آهي.