احمد آباد: آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ پليئر آف دي ٽورنامينٽ ويرات ڪوهلي کي قرار ڏنو ويو، جنهن 11 ميچز ۾ 6 ففٽيز ۽ 3 سينچريز جي مدد سان 765 رنز اسڪور ڪيون، سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر ڀارت جو محمد شامي رهيو، جنهن 11 ميچز ۾ 24 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته بيسٽ فگرز جو ايوارڊ پڻ محمد شامي جي نالي رهيو، جنهن هڪ ميچ ۾ 57 رنز ڏئي 7 وڪيٽون حاصل ڪيون، ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان گهڻا ڇڪا هڻڻ جو اعزاز ڀارتي ڪپتان روهت شرما 31 ڇڪا هڻي حاصل ڪيو، جڏهن ته هڪ اننگ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهڻ جو اعزاز آسٽريلوي گلين ميڪسويل جي نالي رهيو، جنهن افغانستان خلاف 201 رنز جي اننگ کيڏي.