ڪولمبو ( اسپورٽس نيوز) ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي ون ڊي انٽرنيشنل ۾ تيز ترين 13 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن.ڪوهلي ليجنڊ ڀارتي بيٽر سچن ٽنڊولڪر کي پوئتي ڇڏيندي اِهو ڪارنامو انجام ڏنو، سچن ٽنڊولڪر 321 ون ڊي اننگز ۾ 13 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون.ڪولمبو ۾ جاري ايشيا ڪپ 2023ع ۾ سُپر فور مرحلي ۾ پاڪستان خلاف بيٽنگ ڪندي ويرات ڪوهلي ون ڊي انٽرنيشنل 47 هين سينچري اسڪور ڪئي. ويرات ڪوهلي ٽي سئو کان گهٽ ون ڊي ميچن ۾ تيرنهن هزار رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي 267 ون ڊي اننگز ۾ 13هزار رنسون ٺاهيون آهن، سندس ون ڊي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ 65 ففٽين ۽ 47 سينچريون آهن. ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول پاڪستاني بالرن تي ڪڙڪي پيا، ڪنهن کي به بخش نه ڪيو گرائونڊ جي چوطرف شاندار اسٽروڪ کيڏيا آخر تائين بيٺا رهيا، آئوٽ ڪرڻ ڪنهن جي وس  ۾ نه هو.