ڪولڪتا(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ون ڊي ۾ ٽنڊلڪر جي سينچرين وارو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب ڪولڪتا ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏندي ويرات ڪوهلي پنهنجي 35 هين سالگرهه جي موقعي تي شاندار بيٽنگ ڪندي 49 هين سنچري اسڪور ڪئي جنهن بعد لٽل ماسٽر سچن ٽنڊلڪر ۽ ويرات ڪوهلي جي سينچرين جو انگ 49-49  ٿي ويو آهي، واضح رهي ته ويرات ڪوهلي 289 ميچن ۾ 13 هزار 600 ۽ ٽنڊلڪر 463 ميچن ۾ 18 هزار 426 رنز ٺاهي چڪا آهن، ويرات ڪوهلي 49 سينچرين ۽ 71 اڌ سينچرين سان اهو اسڪور ڪيو آهي جڏهن ته سچن ٽنڊلڪر پنهنجي ون ڊي ڪيرييئر ۾  49 سينچريون ۽ 96 اڌ سينچريون اسڪور ڪيون.