ڪولمبو(اسپورٽس نيوز)  هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ناليواري بيٽسمين ويرات ڪوهلي جي مداح زبان سان ڪوهلي جو پورٽريٽ ٺاهي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، ڪرڪيٽ جي شوقينن نوجوان جي اهڙي فن کي تمام گهڻو ساراهيو، ڪوهلي جي چاهيندڙن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، جاري ڪيل وڊيو ۾ موجود مداح جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هو هڪ آرٽسٽ آهي، جنهن پينٽنگ برشن جي استعمال بدران زبان جي مدد سان ويرات ڪوهلي جو پورٽريٽ ٺاهيو. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ نظر ايندڙ آرٽسٽ جو ڪنهن ملڪ سان تعلق آهي ۽ سندس نالو ڇا آهي اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو.