دبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي عظيم بيٽر ويرات ڪوهلي هڪ ڀيرو ٻيهر اسپورٽس مين اسپرٽ جو مظاهرو ڪري سڀني جون دليون کٽي ورتيون. دبئي ۾ ٿيندڙ ميچ دوران نسيم شاهه بيٽنگ لاءِ آيو ته ان جي جوتي جون ڪَهيون کلي ويون، ان موقعي تي ويرات ڪوهلي اڳتي وڌيو ۽ نسيم شاهه جي جوتي جون ڪَهيون ٻڌيون. ان لمحي کي ڪيمرا جي اک قيد ڪري ورتو ۽ جيئن ئي تصوير سامهون آئي ته ماڻهو ويرات ڪوهلي جي ان عمل جي تعريف ڪرڻ لڳا.