دبئي(اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ٽرافي جي آخري گروپ ميچ دوران ڀارتي مداحن نيوزيلينڊ جي رانديگر گلين فلپس بدران غلط “فلپس” کي ٽرول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آچر ڏينهن نيوزيلينڊ ۽ ڀارت جي ميچ دوران گلين فلپس ويرات ڪوهلي جو شاندار ڪيچ پڪڙي، کيس رڳو 11 رنسن تي پويلين موڪلي ڇڏيو. فلپس جي هن ناقابلِ يقين ڪيچ تي نه رڳو ڪوهلي پاڻ وائڙو ٿي ويو، پر سوشل ميڊيا تي به ان تي بحث ڇِڙي پيو. ڪوهلي جا ڪجهه جذباتي مداح انسٽاگرام تي گلين فلپس جو پروفائيل ڳولي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ لڳا، پر تڙ تڪڙ ۾ اهي اليڪٽرڪ ڪمپني ”فلپس“ جي آفيشل اڪائونٽ تي وڃي پهتا. نتيجي ۾ فلپس ڪمپني جي پوسٽن جي هيٺان مزاحيه تبصرن جو طوفان اچي ويو، جتي ڪنهن لکيو”ڪوهلي کي ڇو آئوٽ ڪيو؟“ته ڪنهن طنزيه انداز ۾ چيو ماريو ويندين فلپس!، هڪ واهپيدار فلپس ڪمپني کي مخاطب ڪندي لکيو  هاڻي اسان فلپس جا بلب نه وٺنداسين! فلپس ڪمپني جي ڀارتي اڪائونٽ تي به دلچسپ تبصرا سامهون آيا، جتي ڪنهن چيو فلپس ڪمپني چوندي ته اسان بجلي ٺاهيندا آهيون، فيلڊر نه.  ٻئي پاسي هڪ واهپيدار فلپس جي عالمي اڪائونٽ تي لکيو” بنا پئسي جي فلپس جي مشهوري ٿي وئي. اهڙي صورتحال تي ڪرڪيٽ فينز پڻ حيران آهن، جڏهن ته فلپس ڪمپني جي عالمي ۽ ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي تبصرن جو وڏو طوفان اچي ويو آهي، جتي لائيڪن کان وڌيڪ ڪمينٽس ٿي رهيا آهن.