ممبئي ( اسپورٽس ڊيسڪ ) باربيڊوس ۾ ڀارت کي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شاندار فتح ڏياريندڙ سپر اسٽار ويرات ڪوهلي ۽ سندس گهرواري بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما پنهنجي ٻنهي ٻارن سان گڏ مستقل طور ممبئي کان لنڊن منتقل ٿيڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن. ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما ڀارت ۾ گوڙ گهمسان ۽ مداحن کان پري پنهنجي ذاتي زندگي پرسڪون ماحول ۾ گذارڻ جا خواهشمند آهن، جوڙي جي خواهش آهي ته سندن ٻار ٻاهرين ملڪ تعليم پرائي سگهن سندن هدف اهڙو شهر آهي جتي عام ماڻهن کين سڃاڻي نه سگهن.