ڪوهلو (م ڊ) ڪوهلو ۾ ليويز فورس جي گاڏي ويجهو ڌماڪو، رسالدار سميت 6 اهلڪار شديد زخمي ٿي پيا، ڪوهلو جي علائقي جنتلي ۾ ليويز فورس جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا، رسالدار سميت 2 اهلڪارن جي حالت نازڪ آهي، زخمين کي ڪوئيٽا سي ايم ايچ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ليويز گاڏي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.