ٺٽو ( رپورٽر) ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي جي مختلف علائقن جھمپير ، اونگر ، ميٽنگ ۽ لطيف چانگ جي ڪوئلي جي کاڻين جي بندش توڙي برساتن سبب بيروزگاري کان تنگ اچي ڪوئلي جي کاڻين جي سوين پورهيتن ٻيهر قومي شاهراھ تي اچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪري ڪوئلي جي کاڻين جي بحالي ءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي . بيروزگار ٿيل سوين پورھيتن  بند ٿيل ڪوئلي جون کاڻيون چالو ڪري کين روزگار مھيا ڪرڻ لاءِ ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراھ تي اونگر لڳ ڳوٺ ارباب ڀائي خان ٻٻر اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي ٽائرن کي باھيون ڏيئي ٻنهي پاسن کان لنگھندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏي. پورهيت اڳواڻن منظور ٻٻر، وڏيرو طيب ٻٻر، مبين ٻٻر، عبدالحفيظ ٻٻر، الھبچايو چانگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڏيڍ مهيني کان جھمپير، ميٽينگ ، اونگر ، لطيف چانگ ۽ ان جي آسپاس سموريون ڪوئلي جون کاڻيون بند هئڻ ڪري اسان ھزارين پورھيت فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھيون، پر سرڪار اسانجي ڪابہ سار لھڻ لاءِ تيار ناھي، جنھن ڪري هو مجبور ٿي ٻيھر احتجاج ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، هنن سنڌ جي وڏي وزير ،ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڪوئلي جي کاڻيون سيفٽي قاعدن ۽ قانون مطابق کولي کين روزگار مھيا ڪري کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ۽ ضلعي ڪائونسل اونگر جي پ پ پاران نامزد ڪيل اميدوار حاجي معشوق شفيع پھچي پورهيتن کي خاطري ڪرائيندي چيو تہ سندن پ پ ضلعي ٺٽي جي قيادت ،  پ پ جي چونڊيل نمائندن سان گڏ ڊي سي ٺٽو سان ڳالهيون هلندڙ آهن جلد ڪوئلي جون کاڻيون سيفٽي رول مطابق کولي روزگار مھيا ڪرڻ سان گڏ کين رليف ڏياريو ويندو ته جيئن ھو پريشاني کان بچي سگھن. احتجاج ڪندڙن پ پ اڳواڻ جي خاطري بعد قومي شاهراھ تي هنيل احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري ٺٽو حيدرآباد جي معطل ڪيل ٽرئفڪ کي بحال ڪري ڇڏيو .