نوري آباد(رپورٽ: عالم پالاري) ڪوھستان جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جون سهولتون اڻلڀ آهن. ان ڏس ۾ يوسي موندرخان يوسي سري يوسي جھمپير  ۾ برساتن دوران تلائن ۾ گڏ ٿيل پاڻي ختم ٿيڻ لڳو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ جر جو پاڻي به کارو ٿيڻ ڪري ڪوھستاني پٽي ۾ ڏڪاري حالتون شروع ٿي ويون، ڪوھستان واسي پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آهن، نئي لوياڇ ۾ مٺي پاڻي لاءِ کنيل کوهه به کارا ٿي ويا، ڪوھستان واسين پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ يوسي جھمپير جي آڃڻي مڪان جي ڪوھستاني ڳوٺ بچل جاکرو جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين لال محمد جاکرو، قاسم جاکرو، شھمير جاکرو، سائينڏنو جاکرو، سوڀارو جاکرو، گلزار جاکرو، ٻير جاکرو،  محراب جاکرو، علي حسن جاکرو، ممتاز جاکرو ۽ عطر جاکرو دانھيندي چيو اھي ته ڪوھستاني پٽي ۾ برساتن جو جمع ٿيل پاڻي مڪمل ختم ٿيڻ بعد ھاڻي جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو اھي، ھنن چيو ته نئي لوياڇ ۾ ھنن جا مٺي پاڻي جا کوھ ھئا جيڪي پڻ سڪي ويا آھن، ھن وقت سموري ڪوھستاني پٽي ڏڪاري حالتن مان گذري پئي، جنھن ڪري ڪوھستاني واسي توڙي انھن جا جانور اڃ مرڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھنن چيو ته وڏي تعداد ۾ ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ٿيل مختلف بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنيون به ڪوھستان واسين کي نه پيئڻ جو پاڻي ٿيون مھيا ڪن ۽ نه ئي ڪو روزگار ٿيون ڏين جنھن ڪري ڪوھستاني پٽي بيروزگاري ۾ به اضافو ٿي ويو اھي، ھنن گھر ڪئي ته سمورن ڪوھستان واسين کي پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪري اڃ مرڻ کان بچائي ڪوھستاني ڳوٺ پڪا ڪري کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ سان گڏ روزگار مھيا ڪري سنڌو درياء تي اڏجندڙ سمورن تڪراري ڪئنالن کي ختم ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي مھيا ڪري سنڌ کي وڌيڪ تباھي ۽ بربادي کان بچائي ڪوھستان واسين کي ڏڪاري حالتن مان نجات ڏياري وڃي.