جنگشاھي(رپورٽ: عبدالرؤف بروھي) جنگشاهي ڪوهستان نائيٽ فٽبال ٽورنامينٽ جو سيمي فائنل مرحلو ينگ ٽائيگر ڪلب ۽ لکي اسٽار ڪلب کٽي ورتو. ڳوٺ سبز علي خان بروھي جي ڪميونٽي سينٽر جي گراؤنڊ تي 27 ڏينھن کان جاري ايونٽ جو سيمي فائنل مرحلو مڪمل ٿيو. پھرين سيمي فائنل ۾ ينگ ٽائيگر فٽبال ڪلب ۽ ينگ اسٽار فٽبال ڪلب وچ ۾ مقابلو ٿيو جيڪو ينگ ٽائيگر ڪلب ھڪ گول تان کٽي ورتو. ٻئي سيمي فائنل ۾ فائيو اسٽار ڪلب ۽ لکي اسٽار ڪلب وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ٻئي ٽيمون برابر رهيو، جڏهن ته پينلٽي تي لکي اسٽار فٽبال ڪلب 4 گولن تان فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. فائنل اڄ ينگ ٽائيگر ڪلب ۽ لکي اسٽار ڪلب وچ ۾ ٿيندو.