ٺٽو (رپورٽر) ڪوھستان جي جابلو علائقن ۾ سانوڻي برسات جي گھٽ پوڻ ڪري مقامي آباد گارن جون آباديون پاڻي نه ھجڻ ڪري سڪڻ لڳيون آهن ۽ متاثر آبادگارن پھچندڙ نقصان جي ازالي لاءِ سرڪار گھر ڪري ڇڏي آھي، ان ڏس ۾ تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جھمپير، ساڏورو، برادآباد، ميراڻ، رنپٽياڻي ، ڌاٻيجي ، جنگشاهي، ست ڀاڱي 4 ۽ ان جي آسپاس علائقن ۾ تازو سانوڻيءَ جون برساتون گھٽ پوڻ ڪري هتان جي ڪوهستان واسين سانوڻي برسات جي پيل ھلڪي وسڪاري کان پوءِ پنھنجن پنھنجن کيٽن ۾ جوئر، گوار، تر، گدرا، ميھا ۽ ٻيون آباديون وڏا قرض کڻي ڪيون آھن، پر گھٽ برسات پوڻ جي ڪري سندن آباديون پاڻي ختم ٿي وڃڻ ڪري سڪڻ لڳيون آھن، ان سلسلي ۾ مقامي آبادگارن سليم اختر جوکيو، عباس بروھي، بشير برفت، بھرام گجڻ ٻين چيو ته ڪوھستان ۾ برساتن پوڻ ڪري اسان آباديون پوکيون ٿا، پر ھن واري ھن مھنگائي جي دور ۾ تيل، ڊيزل، ڀاڻ، ٻج ۽ ٽريڪٽرن جي کيڙي جا وڏا خرچ آھن، اسان وڏا قرض کڻي آباديون ڪيون آھن. برسات گھٽ پوڻ ڪري پاڻي ختم ٿي وڃڻ ڪري اسان جون آباديون سڪي تباھ ٿيڻ ڪري کين وڏو نقصان پھچي رھيو آھي. ھنن سرڪار کان گھر ڪئي ته ساڻن انصاف ڪري کين پھچندڙ نقصان جو ازالو ڪرائي کين وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.