ٽنڊوالهيار (رپورٽر) سنڌ جي نالي واري سياسي سماجي شخصيت ملڪ الاءُ الدين ڪوهستاني جي پٽ ملڪ همايون ٽنڊوالهيار لڳ همايون فارم هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته ملڪ اسد سڪندر اسان تي مسلسل ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حراسان ڪري رهيو آهي اسان سڀني ڪيسن ۾ بري ٿي چڪا آهيون هو قبضا مافيا گروپ جو ساٿاري آهي جنهن جو ڪم ئي قبضا ڪرڻ آهي ڄامشورو ۽ آس پاس ۾ بجري جا ڌڪا هنن جي قبضي ۾ آهن جنهن تي انتظاميه خاموش آهي هن چيو ته اسان تي ڪوڙا الزام لڳائي جيل موڪليو 37 ڪيس اسان کٽيا آهن اسان مان جيڪو به جوان ٿئي ٿو انهي تي هي ڪيس داخل ڪرائي ٿو منهنجو ڀاء سي ايس ايس جو شاگرد هو جنهن مٿان ڪيس داخل ڪرائي سندس زندگي خراب ڪئي وئي هن وڌيڪ چيو ته اسان جيل وڃڻ کان ڍڄون نٿا هن جي اڳيان ڪڏهن به نه جهڪنداسين ڄامشوري جا ديوان به ڦري ويا هاڻ ڄامشوري جي عوام هن مان تنگ اچي چڪي آهي ملڪ صوبدار اسان جو ڏاڏو هو اسان جي حصي ۾ جبلن واري ٻني آئي جنهن تي ملڪ اسد سڪندر ۽ ان جو پٽ جونيئر سڪندر خان قبضو ڪري اسان سان گڏجي زيادتي ڪن پيا، ملڪ همايون موجب ارباب سمون نالي شخص جيڪو پيٽارو ڪاليج ۾ ويٽر هو هن وقت ڪروڙ پتي ٿي ويو آهي جنهن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي هاڻ ڳاله برداشت کان ٻاهر نڪري وئي آهي سمورا ڪيس کڻي هاء ڪورٽ ويندس ۽ قانوني ويڙه ڪندس صدر آصف علي زرداري منهنجي والد جو پراڻو دوست آهي کيس اپيل ٿو ڪريان ته هن مامري جو نوٽس وٺي ملڪ اسد سڪندر خلاف ڪاروائي ڪري ۽ پارٽي مان نيڪالي ڏئي مون سان انصاف ڪيو وڃي