ليما(شوبز نيوز) ڪولمبين پاپ گلوڪاره شڪيرا کي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب گلوڪاره کي معدي جي تڪليف سبب پيرو جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيرو ۾ شيڊول گلوڪاره پنهنجا سمورا ڪنسرٽس به منسوخ ڪري ڇڏيا آهن، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گلوڪاره جو علاج جاري آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرز کيس آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيندي پرفارم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي شڪيرا مداحن لاءِ پيغام جاري ڪندي ٻڌايو ته اها اسپتال ۾ داخل آهي، ڊاڪٽرز کيس پرفارم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اها جلد صحتياب ٿي مداحن سان ملندي، گلوڪاره جو چوڻ هو ته کيس اڄ پرفارم نه ڪرڻ تي افسوس آهي پر پيرو جي عوام سان ملڻ لاءِ پروجوش آهيان ۽ جلد ئي انهن لاءِ پرفارم به ڪنديس، ياد رهي ته گلوڪاره شڪيرا جمعي ڏينهن پيرو پهتي هئي، جتي سندس ڪيترائي ڪنسرٽس شيڊول هئا.