ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ٻن آفيسرن  جنرل مينيجر انٽرنيشنل عدنان علي ۽ عمر فاروق ڪالسن کي ڪولمبو جي ڪسينو ۾ وڃڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، پي سي بي جي آفيسرن وضاحت ڪندي چيو آهي ته اسان ڪسينو ۾ ماني کائڻ ويا هئا سين رات جو هوٽل بند هجڻ ڪري ڪسينو وڃڻو پيو پر اتي حلال کاڌو نه هجڻ ڪري ماني نه کائي سگهيا سين، ٻنهي آفيسرن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي کان جواب گهريو ويو.