ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسگر ۽ مشهور اسپنر هرڀجن سنگهه ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ڪولمبو ۾ ايشيا ڪپ ڪرائڻ واري فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. گواسگر جو چوڻ هو ته جڏهن موسم خراب هئي ته ڪولمبو ۾ ڇو ميچون رکيون ويون، رانديگرن لاءِ سڪون اهم آهي پر انهن لاءِ راند به کيڏڻ ضروري آهي. رانديگرن کي به سمجهڻ گهرجي ته هڪ ٻه ڏينهن وڌيڪ سهولتن جي جاءِ ناهي ته ڪو به فرق نه ٿو پوي، توهان پورو مهينو تياري ته ڪيو ٿا، هرڀجن سنگهه جو چوڻ هو ته ائين لڳي رهيو آهي ته ڪولمبو ۾ هاڻي ٽِيمن ۾ سوئمنگ جو مقابلو ٿيندو، دمبولا هڪ مڪمل انٽرنيشنل اسٽيڊيم آهي خبر ناهي اتي ڇو نٿيون ميچون ڪرايون وڃن، جيڪڏهن مان هجان ها ته ڪولمبو ۾ سج نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ بدران ٻي هنڌ ميچون ڪرايان ها.