ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل ۽ آس پاس ٽنڊو مستي خان ، ڊرٻ ميھر شاھ ، موساڻي ، سيال پل ، ٽنڊو مستي خان ڦاٽڪ اسٽاپ ، نارو ڍورو ، ڳوٺ يار محمد اڄڻ ، ڳوٺ بالا خان بروھي ، ڳوٺ غلام محمد ٿھيم ۽ ٻين جاين تي مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي ، جنھن جي ڪري ماڻھون راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آھن ، جڏھن ته چوپايو مال پڻ رات جو ٽپا ڏئي رھيو آھي ، مڇرن جي آزار جي ڪري ماڻھو مختلف موذي مرضن مليريا ، خارش ، بخار ۽ ٻين مرضن ۾ وڪوڙجي ويا آھن ، جڏھن ته مليريا کاتو خيرپور ۽ ڄاڻايل علائقن جي يوسي انتظاميه ان سلسلي ۾ ڪوبه اپاء نه ورتو آھي مڇر امار اسپري سميت مڇر دانيون نه ٿيون ڏنيون وڃن ، جنھن جي ڪري علائقي واسين ۾ مايوسي واري لھر ڇانيل آھي ۽ سخت تڪليفن کي علائقي واسي منھن ڏئي رھيا آھن ، ان موقعي تي ڄاڻايل علائقن جي رھواسين اقبال حسين سومرو ، مير علي سومرو ، علي نواز بروھي ، الله بخش اڄڻ ، احمد گوپانگ ۽ ٻين ڊي سي خيرپور مليريا کاتي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد ڄاڻايل علائقن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي مڇر دانيون ڏئي تڪليف دور ڪئي وڃي ، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.