ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل  ڀرسان درگاھ سيد جلال شاھ بخاري جو ساليانو عرس مبارڪ وڏي ادب ۽ احترام سان ملھايو ويو ، عرس مبارڪ ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي جي سياسي ، سماجي اڳواڻن ، صحافين ۽ درگاھ جي مريدن ۽ عقيدت مندن شرڪت ڪئي ، جڏھن ته درگاھ جي گادي نشين سيد يار علي شاھ بخاري ، پي پي اڳواڻ سيد حسين علي شاھ جيلاني ، سيد نادر علي شاھ بخاري ، سيد اميد علي شاھ بخاري درگاھ تي چادر چاڙھي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪري ملڪ جي سلامتي لاءِ خصوصي دعا گھري وئي ، ان موقعي تي سيد  پير علي شاھ بخاري ، سيد ديدار علي شاھ ، سيد زوار حسين شاھ ، سيد سجاد حسين شاھ  ،  يوسي چيئرمين شمشاد خان مري ، اڳوڻو ميمبر ضلعه ڪائونسل نديم خان مري ، ھادي بخش جاگيراڻي ، جاويد احمد سولنگي ، فياض جتوئي ، عرفان علي مري ، نعيم احمد چانڊيو ، ميڊيا سينٽر ٽنڊو مستي خان جا صحافي محمد حنيف ڦلپوٽو ، ساجد علي سومرو ، رياضت علي لاشاري ، غلام محمد خاصخيلي ، نصرالله چانڊيو ۽ درگاھ جا مريد ۽ عقيدت مند موجود  ھيا ، آخر ۾ عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ ننگر نياز تقسيم ڪيو ويو.