ڪولاب جيئل(ن پ ا) ڪولاب جيئل ۾ خانگي اسڪول ۾ ملڪ جي نالي واري اسٽيج جي فنڪارا شيما ڪرماڻي سندس گروپ پاران مينٽل ھيلٿ ۽ سائڪو تي ٽيلي ٿيٽر ڊرامو پيش ڪيو ويو، جنھن جي ميزباني اسڪول جي پرنسيپال گلشن ابڙو ڪئي، ان موقعي تي آيل مھمانن ۾ ڪامريڊ نثار ابڙو ، سماجي اڳواڻ صدورو ابڙو ، مير ذوالفقار علي ابڙو ، نثار احمد سھتو ، اسٽنٽ ڊائريڪٽر انفارميشن وشال امير ابڙو ، تسليم احمد ڪورائي آپا عنبرين ، ڊاڪٽر صدام حسين ميتلو انچارج ، ايڊووڪيٽ اعجاز علي ابڙو ۽ ٻين کي پرنسپال گلشن علي ابڙو پاران اجرڪ اوڍائي ڀليڪار ڪيو ويو ، جڏھن ته مختلف اسڪولن جي اونر ۽ والدين کي پڻ ڀليڪار ڪيو ويو ، ان موقعي تي مقررين ڳالھائيندي چيو ته تحريڪ نسوا جي فائونڊر آپا شيما ڪرماڻي جي گروپ پاران پيش ڪيل ڊرامو ناٽڪ اڄ جي دؤر ۾ نوجوانن ٻارن ۽ احساس ڪمتري وارن ماڻهن لاءِ بلڪل عڪاسي ڪري ٿو جتي ھڪ نوجوان جنھن کي غلط سنگت نشي جي طرف مائل ڪري ٿي اتي ان نوجوان کي پنهنجائپ جو احساس محسوس ڪرائي پيار محبت ڏئي ڪيئن بري سنگت نشي کان آجي ڪرائي ٿي اڄ جا نوجوان بيروزگاري ۽ واندڪائي سبب ذھني دٻاءُ جي ڪري معاشري ۾ غلط صحبت ۾ اچي نشي جا عادي بڻجڻ ٿا، اھڙن نوجوانن کي نفسياتي احساس ڪمتري ۽ نشي واپرائڻ واري عادتن مان ڪڍڻ لاءِ انھن سان سٺو برتاءُ محبت ۽ پيار واري رويئي اپنايو جنھن مان اھي احساس ڪمتري وارا نوجوان ھن معاشري ۾ پنھنجي پيرن تي بيهي پنھنجي گھر کي ھلائي سگھن ٿا انھن جو حل صرف ۽ صرف پنھنجائپ ڏئي سندن جي ڪيل غلط فيصلن کي مات ڏئي سگهبي