لاهور(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سينيئر بيٽر ڪين وليمسن چيو آهي ته سندس هميشه ڪوشش هوندي آهي ته ميدان ۾ وڃي ٽيم لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، بيٽنگ پوزيشن بابت ناهيان سوچيندو. چيمپيئنز ٽرافي جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران ڪين وليمسن چيو ته نيوزيلينڊ کي هنن ڪنڊيشنز ۾ کيڏڻ جو اڳ ۾ به تجربو رهيو آهي، جيڪو سندن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيو. سندس چوڻ هو ته لاهور ۾ هاءِ اسڪورنگ ميچون ٿينديون آهن ۽ اسان به پنهنجي حڪمت عملي اهڙي طريقي سان ترتيب ڏني. اڳوڻي ڪيوي ڪپتان چيو ته ميچ دوران ساٿين سان ڀائيواري جو وڏو فائدو ٿيو ڇو ته پچ سٺي هئي، پر سيٽ ٿيڻ لاءِ ڪجهه وقت گهربل هو. ٻي اننگز ۾ حالتون ڪجهه مختلف هيون. ڪين وليمسن وڌيڪ چيو ته دبئي جون ڪنڊيشنز الڳ آهن ۽ هر ٽورنامينٽ ۾ رانديگرن کي نون چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هن راچن رويندرا جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو انتهائي باصلاحيت رانديگر آهي ۽ اعتماد سان بيٽنگ ڪندو آهي، هاڻي سڄو ڌيان فائنل تي آهي.