ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن کي 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير مراد شاهه ڪوسٽل هاءِ وي اسڪيم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي چيو ته ٺٽي جي تازي دوري دوران  شهرين انهي  رٿا  کي مڪمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.، جنهن تي ورڪس کاتي ٻڌايو ته 36 ڪلوميٽر ڊگهي هاءِ وي  ابتدائي مرحلي ۾ آهي، رٿا کي نظرثاني لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، هي منصوبو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل فنڊنگ ( 50:50 تناسب ) سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، جنهن تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته انهي منصوبي جي رفتار تيز ڪئي وڃي، اها رٿا ٽريفڪ جي سهولت ۽ سامونڊي پٽي کي سامونڊي مداخلت کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سائيٽ انڊسٽريل اسٽيٽ ۾5 ارب جي لاڳت سان روڊ تعمير ٿيندا، هن وقت تائين 50 ڪروڙ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽينڊرن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪم جي رفتار تيز ڪري 30 جون 2026 ع تائين روڊ مڪمل ڪيا وڃن، اجلاس  کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پروگرام تحت ٻوڏ کان متاثر ٿيل 1800 اسڪولن جي نئين سر تعمير جو ڪم جاري آهي. انهن اسڪولن کي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي گڏيل مالي فنڊنگ (50:50) سان ٻيهر تعمير ڪيو پيو وڃي. انهي منصوبي لاءِ 12 ارب رپيا رکيل آهن، هن وقت ٽينڊرن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته اسڪولن جو تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ فوري طور تي فنڊ جاري ڪيا وڃن. اجلاس کي ايم-5 انٽرچينج بابت ٻڌا يو ويو ته خانپور مهر، ميرپور ماٿيلو ۽ مريد شاخ مان گذي روهڙي کان گڊو بئراج تائين 150 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ منصوبي جي لاڳت 18.8 ارب رپيا لڳائي وئي آهي. وڏي وزير موجوده مالي سال ۾ رٿا لاءِ 5 ارب رپا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير  31.4 ڪلوميٽر ڊگهي ٽنڊوالهيار _ٽنڊو آدم روڊ جي ڊوئلائيزيشن( ٻٽو ڪرڻ) واري 9.2 ارب رپين جي رٿا لاءِ هڪ ارب جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.