ڪور ڪمانڊر هائوس اندر ماڻهن جو وڃڻ سڪيورٽي جي ناڪامي آهي: آئيني بئنچ

0
25
ڪور ڪمانڊر هائوس اندر ماڻهن جو وڃڻ سڪيورٽي جي ناڪامي آهي: آئيني بئنچ
ڪور ڪمانڊر هائوس اندر ماڻهن جو وڃڻ سڪيورٽي جي ناڪامي آهي: آئيني بئنچ

اسلام آباد: 9 مئي تي ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ وڃڻ سڪيورٽي بريچ هو، ڇا انهن واقعن ۾ ڪنهن فوجي آفيسر جو ٽرائل ٿيو؟: ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين  تي ڪيس هلائڻ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي دوران آئيني بئنچ جو سوال،جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي،آئيني بئنچ سوال ڪيو پڇيو ته ڇا 9 مئي تي ڪمانڊر هائوس ۾ ماڻهن جو داخل ٿيڻ سڪيورٽي جي ڀڃڪڙي هئي، ڇا ان دوران ڪا مزاحمت ڪئي وئي؟ دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته سويلين خلاف ٽرائل اوچتو نه ٿي رهيا آهن، قانون 1967 کان موجود آهي، ايف بي علي ڪيس ۾ جن ماڻهن تي ڪيس هلايو ويو، اهي رٽائرڊ هئا، امن جي وقت ۾ به فوجي معاملن ۾ مداخلت تي سويلين جو ٽرائل ٿيندو آهي، جسٽس حسن اظهر رضوي سوال ڪيو ته ذهن ۾ رکو ته ايف بي علي ڪيس سول مارشل لا جي دور جو آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هو، کيس هٽائڻ جي ڪوشش ۾ ايف بي علي ڪيس ٺهيو هو، مارشل لا ان وقت ختم ٿيو جڏهن آئين ٺهيو، خواجه حارث جواب ڏنو ته ڳالهه صحيح آهي پر عدالتي فيصلي ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ جو ذڪر موجود ناهي، جسٽس حسن اظهر چيو ته ضرور ڪو ماسٽر مائينڊ هوندو، سازش ڪنهن ڪئي؟ ان تي خواجه حارث جواب ڏنو ته سازشي يا ماسٽر مائينڊ جو ٽرائل به فوجي عدالت ۾ ٿيندو.جسٽس حسن اظهر سوال ڪيو  ته ڇا 9 مئي جي واقعن ۾ ڪنهن فوجي آفيسر جي ملوث هجڻ جو ڪيس هلي رهيو آهي؟ 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ ماڻهو پهتا هئا؟ ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ ماڻهن جو داخل ٿيڻ سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙي آهي، فائرنگ ڪرڻ ضروري ناهي پر جڏهن 9 مئي تي فوجي تنصيبات کي نقصان پهچايو ويو ته ڇا ڪا مزاحمت ٿي؟ان تي، دفاع واري وزارت جي وڪيل جواب ڏنو ته احتجاج ڪندڙن تي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جو الزام هو، 9 مئي جي واقعي ۾ ڪنهن به فوجي آفيسر تي الزام نه لڳايو ويو ۽ جاني نقصان کي روڪڻ لاءِ مڪمل صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ويو، عدالت ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.