لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) لنڊن ۾ هڪ عورت، جنهن کي ڪوريئڙن کان ڊپ ٿيندو آهي، ڪوريئڙن کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي بستر تي خيمو لڳائي ڇڏيو آهي، 25 سالن جي ايسٽيلا ڪيرياڪو ڪوريئڙن جي ڊپ ۾ وڏي ٿي، جڏهن به اها پنهنجي ڪمري ۾ ڪوريئڙي کي ڏسندي ته تمام گهڻو ڊڄي ويندي هئي، تنهن ڪري هن ڪوريئڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو، اسٽيلا ايمازون تي مڇرن کان بچڻ لاءِ مخصوص خيمو آرڊر ڪيو ۽ پوءِ ان کي پنهنجي بستر تي لڳايو ته جيئن ڪنهن به جيت کي بستري ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي، عورت هاڻي چئن مهينن کان پنهنجي فليٽ ۾ بستري تي خيمي ۾ سمهي رهي آهي ۽ سندس اهو طريقو تبديل ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.