ڪراچي (نمائندن وٽان )ڪورونا وڌيڪ 2 حياتيون  کسي ورتيون، 358 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح  0.68 سيڪڙو رهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ هڪ شهري دم ڏنو، جڏهن ته 184 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ڪراچي ۾ 65، ڪشمور ۾ 19، دادو ۾ 13، ٽنڊي الهيار ۽ مٽياري ۾ 11-11، ڄامشوري ۾ 10، نوشهري فيروز، شڪارپور ۽ سکر ۾9-9، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ۾ 5-5، لاڙڪاڻي ۾ 4، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ 3-3، بدين، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ 2-2، خيرپور ۽ ٺٽي ۾ وڌيڪ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.