ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا جا ڪلور جاري : 135 فوت : 4681 نوان ڪيس پهتا، ڪوروناشرح 9.73 سيڪڙو ٿي وئي ، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 470 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ هن وقت 6777 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 6428 گھرن، 12 آئسوليشن سينٽرن ۽ 337 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 310 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 38 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 262، حيدرآباد ۾ 65، بدين ۾ 16، لاڙڪاڻي ۾ 14، سکر ۾ 13، مٽياري ۾ 10، سجاول ۾ 9، ٽنڊي محمد خان ۾ 9، شهيد بينظير آباد، ڄامشوري ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 8_8، سانگھڙ ۾ 7، دادو ۾ 6، جيڪب آباد، خيرپور، ميرپورخاص ۽ شڪارپور ۾ 5_5، گھوٽڪي ۾ 3، ڪشمور ۽ نوشهروفيروز ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ ڪورونا وگهي لطيف آباد 6 نمبر جي رهواسڻ 45 سالن جي صائمه زال سيف الله فوت ٿي وئي، جنهن بعد فوتين جو انگ 290 ٿي ويو آهي. حيدرآباد ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6 سيڪڙو رڪارڊ ٿي.