ڪورونا وائرس جا ڪيس: حڪومت سنگينيءَ جو احساس ڪري!

0
33
گئس پيداوار ۾ سنڌ جو حصو ۽ ناانصافيءَ جا ڇِرڪائيندڙ انڪشاف

تازو ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ماهرن موجب، زڪام، کنگهه ۽ بخار سان اسپتال ايندڙ مريضن مان 25 کان 30 سيڪڙو مريضن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. ڊائو اسپتال جي وبائي مرضن جي ماهر پروفيسر سعيد خان موجب، 10 کان 12 سيڪڙو مريضن ۾ انفلوئنزا H1N1 جڏهن ته 5 کان 10 سيڪڙو ٻارن ۾ ساهه جي نالين جي انفيڪشن جي تشخيص ٿي رهي آهي. ان کان سواءِ سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ وائرل انفيڪشن جا روزانو 150 کان 200 مريض (هر اسپتال ۾) پهچي رهيا آهن، جڏهن ته ٻين خانگي اسپتالن ۽ ننڍين اسپتالن ۾ انهن مريضن جو تعداد ان کان علاوه آهي. طبي ماهرن ماڻهن کي هر سال انفلوئنزا جي ويڪسين لڳرائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي. ان کان سواءِ حڪومت کي پڻ معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪيس وڌن ٿا ته، اسپتالن ۾ ٽيسٽ ڪِٽس مهيا ڪرڻ گهرجن، ڪورونا ۾ مبتلا مريضن کي قرنطينا سينٽر قائم ڪري اتي رکڻ گهرجي ۽ ملڪ جي انٽري پوائنٽس تي پڻ سخت چوڪسيءَ ۽ ان وبا جي ٽيسٽ جي انتظامن جي ضرورت آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ عالمي ميڊيا اهي خبرون ڏيڻ شروع ڪيون هيون ته، چين ۾ ڪورونا جهڙو ئي خطرناڪ وائرس وري ڦهلجي رهيو آهي ۽ چين ان حوالي سان نه صرف الرٽ جاري ڪيو آهي پر چين ۾ ان حوالي سان سخت حفاظي اُپاءَ ورتا پيا وڃن. اڃان ان خطري جي تلوار سِر تان نه ٽري هئي ته، وري ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر مريضن جي تصديق ٿي چڪي آهي. ڳتيل ۽ گهڻيءَ آبادي واري هن شهر ۾ جيڪڏهن اهو مرض وبائي صورت اختيار ڪري ٿو ته اُن کي ڪنٽرول ڪرڻ انتهائي مشڪل بڻجندو. صحت کاتو کي ان معاملي جي سنگيني محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ ائين نه ٿئي جو تِر جي گُٿي سئو چوٽون کائي. گذريل ڀيري جڏهن ڪورونا جي لهر شروع ٿي هئي ته پڻ هن ملڪ جي هڪ طرف معيشت تباهه ٿي وئي هئي پر گهڻا ماڻهو حياتين کان پڻ محروم ٿي ويا هئا. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته، جڏهن ڪورونا وائرس جي لهر شروع ٿي هئي ته ان پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ زندگي جي معمول کي تبديل ڪري ڇڏيو هو. اهو هڪ اهڙو غيرمعمولي بحران هو، جنهن نه رڳو صحت جي نظام کي تباهه ڪيو پر معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ جنم ڏنو. اهڙي صورتحال مان سکندي هن ڀيري اهو ضروري آهي ته اسان پنهنجون انفرادي ۽ اجتماعي ذميواريون سمجهي احتياطي تدبيرون اختيار ڪريون ته جيئن هن خطرناڪ وائرس جي پکڙجڻ کي روڪي سگهجي. ان حوالي سان پهريون ۽ بنيادي قدم سماجي فاصلو برقرار رکڻ آهي. بغير ضرورت جي گڏجاڻين ۽ ماڻهن جي هجوم کان پاسو ڪرڻ هر ڪنهن جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. ماسڪ جو استعمال هڪ ننڍو پر مؤثر قدم آهي، جيڪو نه رڳو اسان جي پر ٻين جي صحت جي حفاظت جو به سبب بڻجي ٿو. حڪومت کي پڻ معاملي جي سنگينيءَ کي سمجهندي نه صرف ترت ايس او پيز جاري ڪرڻ گهرجن پر انهن تي عمل ڪرائڻ به تمام ضروري آهي. اڳ ۾ به ڪورونا لهر دوران طبي عملي ۽ ٻين فرنٽ لائن ورڪرز قربانيون ڏنيون ۽ مريضن جون زندگيون بچايون. ان حوالي سان هر شهري جو به فرض آهي ته هو ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري. هيءَ جنگ نه رڳو حڪومت يا صحت جي شعبي تائين محدود هوندي، پر اسان سڀني جي گڏيل جدوجهد سمجهڻ گهرجي. ياد رکڻ گهرجي ته احتياط ئي علاج آهي ۽ هيءَ چئلينج جو واحد حل پڻ آهي.

ڳالهه صرف ڪراچي جي ئي ناهي پر حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چڪاس جون سهولتون فراهم ڪري اها جاچ ڪرڻ گهرجي ته، اهو وائرس صرف ڪراچي تائين محدود آهي يا ان جي ڦهلاءَ جون ٻين شهرن ۾ به شاهديون مليون آهن. وڏي آبادي وارن علائقن ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ معياري عملي طريقيڪار (SOPs) جاري ڪرڻ ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرڻ ضروري آهي. انهن قدمن تي عمل ڪندي اسين هن وبا جي ڦهلاءَ کي گهٽائي سگهون ٿا. ڪورونا وائرس جون علامتون ٻين وائرل بيمارين سان ملندڙ جلندڙ آهن، تنهن ڪري ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ڪراچي هڪ ڳتيل آباديءَ وارو شهر آهي. اتي SOPs تي سختي سان عمل ڪندي نه رڳو پاڻ کي، پر پنهنجي پيارن ۽ سماج کي به هن وبا کان محفوظ رکي سگهجي ٿو. احتياط، ڄاڻ ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي اسين هن چئلينج کي منهن ڏئي سگهون ٿا. حڪومت کي پڻ احتياطي طور تي ويڪسين جو انتظام ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪرڻ گهرجي. ماسڪ جي استعمال کي ضروري قرار ڏجي ۽ ٻين احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي.