ڪورونا جي نئين قسم کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون؟

0
83
ڇا دهشتگرد وري منظم ٿي رهيا آهن؟

ڪورونا جي نئين قسم سڄي دنياکي وري ڊيڄاري ڇڏيو آهي.ٻن سالن کان سڄي دنيا کي پريشان ۽ معاشي طور ڌڪ هڻندڙ ڪورونا مان مس مس وڃي دنيا پاڻ سنڀالڻ جهڙي ٿي هئي ۽ ويڪسينيشن جو عمل مڪمل ٿي چڪو هو ته اوچتو ڪورونا جي هن نئين ويرينٽ جي خبر سامهون آئي آهي ۽ ان بابت چيو وڃي ٿو ته اهڙو خطرناڪ آهي جو ويڪسين جو به اثر 40 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو. ڇا دنيا وري ڪيترن ڏينهن مهينن ۽ سالن تائين بند رهندي هڪٻئي سان رابطا ڪٽڻا پوندا ۽ معاشي سرگرميون معطل رهنديون؟ جنهن سان سڄي دنيا ۾ مهانگائي ،بيروزگاري ،معاشي بدحالي ۽ غربت جو اهڙو الميو جنم وٺي سگهي ٿو جنهن کي سنڀالڻ لاءِ دنيا کي وري ڪيترا سال محنت ڪرڻي پئجي ويندي ۽ نه ڄاڻ انهي ڪورونا جي نئين ويرينٽ سبب ڪيترا ماڻهو  بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيندا.انهي نئين ويرينٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هن وقت کان ئي تياري ڪرڻي پوندي ڇا اسان انهي لاءِ تيار آهيون؟ويجهي ماضي جو تجربو ٻڌائي ٿو ته اسان اڳواٽ تياري بدران مسئلو مٿي تي اچڻ کانپوءِ اکيون کوليندا آهيون جنهن ڪري گهڻو نقصان ڪري وجهندا آهيون.

ڪورونا جي نقصان جا نتيجا اسان اڃان ڀوڳي رهيا آهيون ،هڪ ته اسان جي ملڪ ۾ اڃان تائين ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن نه ٿي آهي اهو ته سٺو ٿيو جو ڪورونا جو اثر گهٽجي ويو آهي نه ته اڃان تائين اسان جي اسپتالن ۾ ماڻهو  بيڊ ملڻ لاءِ ڊڪندا وتن ها ڇاڪاڻ ته اسان جي صحت جي نظام ۾ اها سگهه ئي ناهي جو ڪنهن وڏي ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگهي .هتي ته حالت اها آهي جو ڊينگي جهڙي بخار جڏهن زور ورتو ته پنجاب ۾ پيناڊول جي ٽڪي ئي نه پئي ملي جيڪا ڊينگي جي بخار ۾ مفيد ٻڌائي وڃي ٿي. اسان وٽ عام طور ٿيندو اهو آهي ته جڏهن به ڪنهن شيءَ جي طلب وڌندي آهي تڏهن اها موجود هجڻ باوجود غائب ڪئي ويندي آهي جيئن بليڪ تي وڪرو ڪري وڌيڪ منافعو ڪمائي سگهجي. جنهن جو مثال اٽي ،کنڊ،۽ پيٽرول جا آيل تازا بحران آهن،

اهو ته ڇڏيو جڏهن شروع ۾ ڪورونا جي وبا پکڙجي رهي هئي ته ماسڪ جيڪو 10 رپين ۾ ملي رهيو هو اهو غائب ٿي ويو ۽ سئو رپين تائين وڪامجڻ لڳو. جڏهن ته اسان جي انتظامي صلاحيت وري اها آهي جو ڪنهن به مافيا يا ذخيره اندوز خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ان ۾ نه سگهه آهي نه ئي اها ڪرڻ چاهيندي آهي.ٻيو جڏهن ڪورونا پکڙجي رهيو هو ته اسان  ان وقت بارڊر تان ايندڙ ماڻهن کي بنا اسڪريننگ جي سڄي ملڪ ۾ پهچائي رهيا هئاسين جنهن سان به ڪورونا کي تيزي سان ڦهلجڻ جو موقعو مليو جنهن جو مثال تفتان بارڊر تان هزارن جي تعداد ۾ ايندڙ زائرين کي بنا اسڪريننگ جي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ هو.هاڻي به جڏهن ڪورونا جو هي نئون ويرينٽ سامهون آيو آهي

جيڪو سڀني قسمن کان خطرناڪ ٻڌايو وڃي ٿو ته ان کي روڪڻ لاءِ اسان خبر ناهي ڪهڙا قدم کڻنداسين ؟ في الحال اسان جن ملڪن ۾ اهو ڪورونا وائرس پهتو آهي انهن سان پنهنجو اڏامون بند ته ڪري ڇڏيون آهن پر ڇا انهن ملڪن مان اهو اعلان ڪرڻ کان اڳ جيڪي ماڻهو هتي پهچي چڪا آهن انهن جي اسڪريننگ جو ڪو بندوبست ڪيو پيو وڃي ايئن نه ٿئي اسان رڳو اعلان ڪري ڇڏيون ۽ اهو وائرس هتي پهچي چڪو هجي. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ اعلان ته ٿيندا آهن پر انهن تي سختي سان عمل ڪرڻ جو ڪو رواج يا روايت ئي ناهي ۽ اڳ به ايئن ئي ٿيو هو ته ايئرپورٽن تي اسڪريننگ جا اعلان ڪيا ويو پر ڏٺو اهو ويو ته مسافر بنا اسڪريننگ جي اتان نڪري پئي ويا ۽ ڪير انهن کي روڪڻ وارو نه هو.

اسان سمجهون ٿا ته ڪورونا جي هن ويرينٽ خلاف هن وقت کان ئي تڪڙا ۽ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻن سالن جي تجربي ۾ اهو ته سکي ويا آهيون ته ڪهڙا ڪهڙا قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهن.جيڪڏهن بروقت انهي لاءِ ڪوششون نه ڪيو ويون ته اڳ ئي تباهه حال معيشت وري ڪا لاڪڊائون جهڙي سٽ نه سهي سگهندي ۽ گهڻي جاني نقصان جو به خطرو ٿيندو .ڇاڪاڻ ته جتي جتي اهو ويرينٽ پهتو آهي اتي هاڻي لاڪڊائون ۽ ايمرجنسي لڳائڻ کانسواءِ  ٻيو ڪو رستو نه ٿو سجهي، تنهن ڪري اسان کي هن وقت ئي اکيون کولڻ گهرجن جو گهڻي دير ٿي وڃي.