ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪورونا جا ڪلور، وڌيڪ 118 فوت، 5395 نوان ڪيس سامهون آيا، ڪورونا شرح گهٽجي 8.34 سيڪڙو ٿي وئي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا 8 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 653 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 7033 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جن مان 6670 گهرن ، 12 آئسوليشن سينٽرن ۽ 351 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، هن چيو ته 324 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 38 مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ 383، حيدرآباد ۾69، سکر ۾ 17، قمبر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 15-15، نوشهري فيروز ۾ 13، بدين ۽ لاڙڪاڻي ۾ 12-12، شڪارپور ۾ 11، گهوٽڪي، سانگهڙ ۽ ڪشمور ۾10-10، ميرپورخاص ۽ ٺٽي ۾ 9-9، دادو ۽ عمرڪوٽ ۾ 8-8، ٽنڊي الهيار ۾7، مٽياري ۾ 6، خيرپور ۾ 5، ڄامشوري ۾ 4 ۽ جيڪب آباد ۾ 3 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ٻئي طرف صحت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدرآباد ضلعي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد ضلعي ۾ فوتين جو انگ وڌي 294 ٿي ويو آهي. جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 12 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ٻئي طرف تعليم کاتي موجب لطيف آباد يونٽ 10 جي گرلز هائر سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول ۾ 6 ماسترياڻين ۽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول عبدالمجيد درٻاري جي هڪ استاد کي ڪورونا ظاهر ٿي آهي جنهن بعد ٻنهي اسڪولن کي 18 اپريل تائين بند ڪيو ويو آهي.