ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ گھر اندر زال ۽ مڙس گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار، پوليس واقعي کي غيرت جو معاملو قرار ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ مهراڻ ٽائون ۾ ڪجهه ٽائيم اڳ شادي ڪندڙ جوڙي کي نامعلوم هٿياربند صبح سوير گهر اندر گهڙي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار نيازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعو غيرت جو معاملو لڳي ٿو، ٻنھي ڄڻن کي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي، قتل ٿيل شخص جي سڃاڻپ 40 ساله مصال خان ۽ عورت جي سڃاڻپ 35 سالن جي ڪرن جي نالي سان ٿي آھي، مقتولن جو تعلق چارسدہ سان آھي، ڪجهه وقت اڳ ٻنھي شادي ڪئي ھئي،