ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي پوليس مبينا مقابلي ۾ 3 جوابدار مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪورنگي پوليس موجب پهريون مقابلو ويٽا چورنگي ويجهو ٿيو جنهن ۾ هڪ مبينا ڦورو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو جيڪو علاج دوران فوت ٿي ويو. ٻيو مقابلو ٿيو جنهن ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو جنهن اسپتال ۾ دم ڏنو. جيڪو گودام چورنگي واري علائقي ۾ ٿيو. جوابدارن جي فوري طور تي سڃاڻپ نه ٿي آهي.