ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ۾ جعلي ڀرتي ڪيل 4 آفيسرن کي ترقيون ڏيڻ وارو معاملو چيف سيڪريٽري تائين پهچي ويو، ان ڏس ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن چيف سيڪريٽري، چيئرمين اينٽي ڪرپشن، ۽ ٻين ادارن کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٽي ايم سي ڪورنگي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (آءِ ٽي) شجاعت حسين، ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايڊمن) رحمت اقبال، ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايجوڪيشن) آصف عمر ۽ اطهر حسين جون ڀرتيون ۽ ترقيون غيرقانوني قرار ڏئي سندن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ پگهارون واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي پر ٽي ايم سي ڪورنگي جو اختياريون مڪاني ادارن جي سيڪريٽري جي اهڙي حڪم تي عمل لاءِ تيار ناهن، خط ۾ اهڙي فيصلي تي عمل جي اپيل ڪئي وئي آهي.