ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي جي ڪورنگي ٽائون ميونسپل ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ترقين وارو هڪ ٻيو اسڪينڊل ظاهر، مڪاني کاتي غيرقانوني ڀرتي بعد مٿين گريڊن ۾ ترقيون ماڻيندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سميت 4 آفيسرن مٿان ڪيس داخل ڪرائي کانئن پگھارن ۽ مراعتن جي مد ۾ کنيل سموري رقم واپس ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ مڪاني کاتي جي اختيارين ڪورنگي ٽائون جي ميونسپل ڪمشنر کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته ٽي ايم سي ڪورنگي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي شجاعت حسين، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن رحمت اقبال، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن آصف عمر ۽ اطهر حسين جون ڀرتيون توڙي مٿين گريڊ ۾ ترقيون غيرقانوني آهن، انهي ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪرائي پگھارن ۽ ٻين مراعتن جي مد ۾ کنيل سموري رقم واپس ڪرائي وڃي. ٻئي طرف ٽي ايم سي ڪورنگي جي ميونسپل ڪمشنر غلام فريد موجب  مڪاني  کاتي جي سيڪريٽري پاران لکيل اهڙو خط کيس ناهي مليو.

19 گريڊ جو اورنگزيب سمون  او پي ايس تي لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽر مقرر

ڪراچي: سنڌ حڪومت مڪاني ادارن جي 19هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر حيدرآباد اورنگزيب سمون کي او پي ايس جي بنياد تي لاڙڪاڻي ۾ 20 گريڊ ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو .

غيرقانوني ڀرتيون:  سنڌ بينڪ کي نوان اڪائونٽ کولڻ کان رو ڪيو ويو

ڪراچي: سنڌ جي مختلف لوڪل ڪائونسلن ۾ ملازمن جي غيرقانوني ڀرتين وارا اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد مڪاني کاتي جي اختيارين سنڌ بينڪ کي نوان بينڪ اڪائونٽ کولڻ کان روڪي ڇڏيو، سنڌ بينڪ کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل ميونسپل اختيارين بجاءِ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري جي منظوري واري ليٽر کانسواءِ ڪنهن به ملازم جو
جي پي فنڊ، پينشن اڪائونٽ ۽ ڪميٽيشن اڪائونٽ نه کوليو وڃي.