ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورنگي مان ڏيڍ مهيني کان گم ٿيل خرم هاشمي کي بازياب نه ڪرائڻ تان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس رپورٽ رد ڪري ڇڏي، عدالت گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت شهري سيد خرم هاشمي جي بازياب نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته هن وقت تائين ڪهڙي جاچ ٿي آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جا هن وقت تائين 11 اجلاس ٿي چڪا آهن، گم ٿيل شهري جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو ناهي، جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ھي جاچ آفيسر جي وس جي ڳالهه ناھي، عدالت اعليٰ اختيارين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ڇنڊ پٽي ته خرم بازياب ٿي ويندو، عدالت گهرو سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو،