ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) ڪورنگي ضلعي جي ٽائون ايجوڪيشن آفيسر( ٽي اي او ) پاران جعلي ڀرتيون ڪرڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي جي ٽائون ايجوڪيشن آفيسر شوڪت جٽ خلاف تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر پاران صوبائي سيڪريٽري کي اماڻيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تعليم کاتي ۾ غير قانوني طريقي سان ترقيون حاصل ڪندڙ پرائمري ٽيچر شوڪت جٽ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، شوڪت جٽ پي ايس ٽي ڀرتي ٿيو، کيس ايڇ ايس ٽي طور ترقي ملي، بعد ۾ کيس 17ھين گريڊ ۾ ھيڊ ماستر بڻايو ويو، رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته ٽائون ايجوڪيشن آفيسر شوڪت جٽ جعلي ڪاغذن ذريعي ڀرتيون پڻ ڪيون آھن