اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي وزيرن سان ڳالهائيندي چيو ته اي اين پي ۽ پيپلز پارٽي انهن سان (طالبان) سان وڙهندي ختم ٿي وئي آهي. اسان ختم نٿا ٿيڻ چاهيون، نئون آپريشن نه پيو ٿئي. نئين آپريشن جو شوشو ڇڏيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ٻيهر زور وٺي رهي آهي، نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ انهن پارٽين شرڪت نه ڪئي جيڪي دهشتگردي متعلق نرم لهجو رکن ٿيون. پي ٽي آءِ هن وڏي اجلاس مان ٻاهر رهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور حڪومت ۾ به اهڙن اجلاسن کان پري رهيو، پي ٽي آءِ حڪومت جي پاليسين سبب جيٽ بليڪ دهشتگردن کي آڻي آباد ڪيو ويو، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته هو ڪنهن به قسم جي آپريشن جي اجازت نه ڏيندا. نئون آپريشن ٿيڻ وارو ناهي، نئين آپريشن جو امڪان ختم ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿين ڪو ادارو ڪارروائي کان ڪيئن لنوائي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪي پي ڪي جو وڏو وزير دهشتگردن جي سامهون بيهي نٿو سگهي ته پوءِ انهن جو دوست انهن سان گڏ به نه بيهي، بلوچستان جو 80 سيڪڙو علائقو بي ايريا ۾ آهي، ان علائقي ۾ 40 سيڪڙو ايف سي موجود آهي، فوج جو ڪم ٽرين جي حفاظت نه ڪرڻ آهي، اها حساس ادارن جي ناڪامي ناهي، نيشنل سيڪيورٽي ميٽنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 800 ارب اين ايف سي تحت ڪي پي ڪي کي ڏنا ويا آهن. طلال چوڌري چيو ته انهن 800 ارب رپين مان ڪيتري رقم سيڪيورٽي تي خرچ ڪئي وئي، عزم استحڪام هجي يا نيشنل ايڪشن پلان ان تي عمل ڪيو ۽ ڪرايو ويندو. دهشتگردي خلاف جنگ تڏهن ڪامياب ٿي جڏهن فورسز پويان سياسي رول هوندو. 95 سيڪڙو دهشتگردي جا واقعا بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٿيا. فيصلو ڪيو ويو آهي ته هر ڪو پنهنجو فرض نڀائيندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي مان ايندڙاهي آوازون اوهان جي حب الوطني تي سوال اٿارين ٿيون.