سڊني (انٽريسٽنگ نيوز) گهرڙن جي ڄار سان ڀريل اک ان خوبصورتي جو هڪ شاندار مثال آهي، جيڪا فطرت جي ننڍي کان ننڍي ميڙ ۾ به سائجي سگهي ٿي، ڪوئي جي اک جي هڪ حصي جي جهلڪ ۽ ان کي صحت مند رکندڙ مدافعتي گهرڙن 2023 جي نيڪون اسمال ورلڊ فوٽو ميگرو گرافي مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي، هڪ ڪنفوڪل مائڪرو اسڪوپ سان ڪڍيل ڪيترين تصويرن تي ٻڌل هي هڪ تصوير، پرٿ آسٽريليا ۾ لائنز آئي انسٽيٽيوٽ جي سينٽر فار اوپٿلمولوجي اينڊ ويزوئل سائنس جي نيورو سائنسدان حسنين قمبري ڪڍي، تصوير کي مصنوعي طور تي رنگين ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اک جا عضوا، مرڪز ۾ ڪارا داغ، ريٽنا ۾ چوڌاري جا ڍانچا، اک جي اندر گهرڙن جو تهه جيڪو روشني کي قيد ڪندو آهي، شامل آهن، وڌيڪ هڪ پروٽين جيڪو رت جي نالين جي سڪڙجڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ڳاڙهي رنگ ۾ ڏيکاريو ويو آهي، گهرڙي جا مرڪزي حصا نيري رنگ ۾ ڏيکاريا ويا آهن، جڏهن ته پيلي رنگ ۾ ايسٽرو سائٽس آهن، هڪ قسم جو مدافعتي گهرڙو جيڪو ريٽنا ۾ سوزش کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.