ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله سوڌو 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، گاڏي تباهه ٿي وئي انتظاميا جو چوڻ آهي ته حافظ حمد الله جلسي ۾ شرڪت لاءِ منگوچر وڃي رهيو هو ته گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو، ڪوئيٽا اسپتال جي ڊاڪٽرز پاران حافظ حمد الله جي حالت خطري کان ٻاهر قرار ڏني آهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت واقعي جي ذميوارن کي منقطي انجام تي پهچائي، فضل الرحمان چيو ته اليڪشن کان اڳ ان قسم جا حملا ڪنهن به صورت قابل قبول ناهن، اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد هر محب وطن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، سمورو ملڪ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران به ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي.