ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ پوليس تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب اولهه باءِ پاس تي پوليس موبائل تي دستي بم حملو ڪيو ويو، بم حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا. زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ واڌو نفري پهچي وئي، جنهن جاچ شروع ڪري ڏني آهي.