ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب، ڌماڪو جان محمد روڊ ويجهو ٿيو، جنهن ۾ 9 ماڻهو زخمي ٿيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب، ڌماڪيدار مواد هڪ موٽرسائيڪل ۾ لڳل هو، پر هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي مليو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو .