ڪوئيٽا( م ڊ) ڪوئيٽا جي پرنس روڊ تي غلط  رخ کان ايندڙ گهوڙو رڪشا سان ٽڪرائجي زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ رڪشا جو اڳيون حصو تباهه ٿي ويو. حادثي بعد پوليس ٻڌايو ته رڪشا ڊرائيور ۽ گھوڙي سوار وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي گھوڙي سوار جي غلط پاسي کان اچي رڪشا سان ٽڪرائجڻ جي وڊيو سوش: ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.