لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيٽيرز جي اسپنر عثمان طارق جو بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿيو آهي. اسپنر عثمان طارق جو بالنگ ايڪشن لاهور قلندرز خلاف ميچ دوران رپورٽ ٿيو. لاهور قلندرز جي خلاف کيڏيل ميچ ۾ آن فيلڊ امپائر احسن رضا ۽ ڪرس برائون عثمان طارق جو ايڪشن رپورٽ ڪيو. عثمان طارق جيڪڏهن ٻيهر رپورٽ ٿيو ته کيس بالنگ کان روڪيو ويندو ۽ پوءِ معطلي جي صورت ۾ اسپنر کي آءِ سي سي جي منظور ٿيل ليب مان ڪلئيرنس گهربل هوندي.